سچ وڏو ڏوهاري آ

سچ وڏو ڏوهاري آ

سچ وڏو ڏوهاري آ

سچ وڏو ڏوهاري آ (ڪتاب): شهيد مخدوم بلاول ۽ بلاولي تحريڪ بابت هي ڪتاب سنڌ جي قومي اڳواڻ ۽ عالم عبدالواحد آريسر جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ مخدوم بلاول جي خليفن ۽ ساٿين، مخدوم صاحب جي اصولن، سندس تحريڪ، ٺٽي تي قبضي کان پوءِ آزادي لاءِ سنڌين جي ڪوشش، سنڌ جي آزادي لاءِ ٻي، ٽين ۽ چوٿين جدوجهد سان گڏ بلاولي تحريڪ جي تسلسل ۽ ان جي شهيدن جو تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ عبدالواحد آريسر پاڻ لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي شيخ اياز جي جڳ مشهور نظم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ جون سٽون ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ تصوراتي تصوير ڏنل آهي، جيڪا نامور چترڪار هارون چنا ٺاهي آهي. ڪتاب جو ڇاپو پهريون روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2007ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ قيمت 120 روپيا آهي.


لفظ سچ وڏو ڏوهاري آھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو